صوفي جي سوچن جي سرهاڻ

by

30 min read
Rate this book:
120 pages 2025

About This Book

صوفي جي سوچن جي سُرهاڻ
صوفي غلام مصطفيٰ آثم جکراڻي

هي ڪتاب فقط شاعري نہ پر دل جي اُن روشنيءَ جو اظهار آهي، جيڪا الله پاڪ جي ياد سان دلين ۾ جرڪي ٿي. صوفي آثم جي لفظن مان نڪرندڙ محبت، فڪر، سڪ ۽ روحاني خوشبو پڙهندڙ جي اندر تائين لهندي وڃي ٿي. سندس هر شعر، الٰهي عشق جي سرهاڻ سان ڀريل آهي.
”صوفي جي سوچن جي سُرهاڻ“ اوهان کي فڪر جي اُها واٽ ڏيکاري ٿي، جتي خاموشيون به گفتگو ڪن ٿيون، ۽ دل به ذڪر جي رستي تي روانا ٿي وڃي ٿو.
ليکڪ جو تعارف، صوفي غلام مصطفيٰ آثم جکراڻي، سنڌ جي صوفي زمين مان اُڀرندڙ هڪ روشن فڪر شاعر آهي، جيڪو پنهنجن لفظن وسيلي محبت، فنا، ۽ حقيقت جي ڳولا ڪندڙ دلن لاءِ روشنيءَ جو مينار آهي. سندس شاعري، روايت ۽ جديديت جو سنگم آهي، جتي سڪ، سماءُ ۽ سڪون گڏ ملي ٿو.
پڙهندڙ لاءِ دعوت نامه ،
اِهو ڪتاب اوهان کي اوهان جي ئي اندر جي سفر تي وٺي ٿو، جتي صوفي سوچن جي سرهاڻ، الله پاڪ جي ياد ۾ لڪل سڪون بڻجي اوهان جي روح کي ڇهندي. اچو، لفظن جي ان خوشبوءَ ۾ پاڻ وڃايو.
روحاني مشاهدي ۽ فڪري سرهاڻ جو نچوڙ آهي، جيڪي صوفي آثم جي شاعريءَ وسيلي بيان ٿيا آهن.

Buy This Book

As an Amazon Associate and Bookshop.org affiliate, BookOrb earns from qualifying purchases.

Write a Review

Sign in to write a review.